اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لڌا، ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن سان مقاب??و ڪندي شهادت ماڻيندڙ لانس نائيڪ محمد صابر جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيد جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل ج?? دعا ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته مون سميت پوري قوم پاڪ فوج جي ان عظيم فرزند جي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ قرباني تي ان کي خراج عقيدت پ??ش ڪري ٿي، پاڪستاني قوم پنهنجي بقاءَ جي لاءِ جانيو?? قربان ڪندڙ پنهنجي عظيم سپاهين جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي.