اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ سمورين سياسي پارٽين جي مشاورت سان شرڪت ڪئي، ايس سي او جي اجلاس ۾ شرڪت ڪارائتي ثابت ٿي، ڀارت ۾ ويهي ڀارتي بيا??يي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، ??اڪ??تان دهشتگردي کان شديد متاثر ٿيو، دهشتگردي پوري دنيا، خطي ۽ ??اڪ??تان جو به مسئلو آهي، شهيد بينظير ڀٽو جو پٽ ۽ دهشتگردي جو سڀ کان وڌيڪ متاثر آهيان. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي پرڏيهي معامل?? بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪ??و. ??ينيٽ جي پرڏيهي معامل?? بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿ??و. ??جلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ ڪئي، اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيا. پرڏيهي وزير چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جو نالو وٺڻ کانسواءِ اسان جي ميزبان ڪجهه معاملا اٿاريا، شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس دوران مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون ٿيون، ايس سي او جي اجلاس ۾ ??اڪ??تان جي موقف کي سڀني جي سامهون رکيو. هن چيو ته گووا وڃڻ کان اڳ طئي ڪيو هو ته ڀارتي پرڏيهي وزير سان ملاقات نه ڪنداسين. پرڏيهي وزير چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم گهڻ رخو فورم آهي جنهن جو ??اڪ??تان 2017ع ۾ ميمبر بڻيو آهي. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي ڀارت ۾ مسلمانن ۽ ڪشميرين جي خلاف ٿيندڙ پروپئگنڊه جو جواب ڏيڻ جو موقعو مل??و. ??لاول ڀٽو زرداري چيو ته ??اڪ??تان هڪ پرامن ملڪ آهي ۽ هو خطي ۾ امن جو خواهشمند اهي، ڀارتي بيا??يي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، ??اڪ??تان دهشتگردي کان شديد متاثر ٿيو، دهشتگردي پوري دنيا، خطي ۽ ??اڪ??تان جو به مسئلو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ت?? آئون شهيد بينظير ڀٽو جو پٽ ۽ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو متاثر آهيان. هن چيو ته سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي جي آجيان ڪريون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ت?? آئون ڪنهن به پليٽ فارم کي ڇڏڻ جو حامي نه آهيان، آگسٽ 2019ع کانپوءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ ڪافي مشڪل هو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪميٽي اجازت ڏي ته جي – 20 اجلاس تي ان ڪئميره بريفنگ بهتر ڏئي سگهان ٿو. سينيٽ جي پرڏيهي معامل?? بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن ۽ لاڳاپيل عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.