اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ شهادت ماڻيندر پ??ڪ فوج جي جوانن کي خراج عقيدت پ??ش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي ۽ شهيدن کي سلام پ??ش ڪري ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعم دردوني ضلعي اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جو مقابلو ڪندي شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن حوالدار سليم خان، نائيڪ جاويد اقبال، سپاهي نذير خان، سپاهي حضرت بلال، سپاهي سيد رجب حس??ن ۽ سپاهي بسم الله جان کي خراج عقيدت پ??ش ڪيو، شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي رستي ۾ شيهي جي ديوار آهي، پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي ۽ شهيدن کي سلام پ??ش ڪري ٿي.