پشاور – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 9 ۽ 10 مئي تي ??ول ۽ دفاعي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائيندڙ ملڪ دشمنن کي ڪيفر ڪردار تائين نه پهچايو ته قوم اسان کي معاف نه ڪن??ي، ڪنهن به بيگناهه سان زيادتي نه ٿيندي، سول عمارتن تي ??ملن جي ڏوهارين جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ جڏهن ته دفاعي ٺڪاڻن تي ??ملي آورن ۽ منصوباسازن جي خلاف دفاعي ادارن کي حاصل آئيني اختيار تحت ڪارروائي ٿيندي. گورنر هائوس ۾ امن امان بابت اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته هي اجلاس ڪجهه ڏينهن اڳ طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. مصروفين جي ڪري هي اجلاس نه ٿي سگهيو. 9 ۽ 10 مئي تي ??يڪي دل ڏکوئيندڙ واقعا ٿيا ان حوالي سان زوم تي ??جلاس منعقد ڪيو. ان ڏينهن پاڪستان جي دوست نما دشمنن دهشتگردي ڪئي ?? پاڪستان جي دفاعي ٺڪاڻن تي ??ملو ڪري اهو ڪم ڪيو جيڪو دشمن 75 سالن ۾ نه ڪري سگهيو. وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن ۽ ادارن سان گڏجي اهو فيصلو ڪيو ته سول ٺڪاڻن تي ??ملي ۽ ڀڃ ڊاهه ڪن??ڙن ۽ منصوباسازن جي خلاف دهشتگردي جي ايڪٽ جي قا??ون موجب ڪارروائي ٿيندي جڏهن ته دفاعي ٺڪاڻن تي ??ملو ڪن??ڙن جي خلاف قا??ون جيڪو اختيار دفاعي ادارن کي ڏنو آهي ان تحت قانوني ڪارروائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته اها هدايت ڪئي آهي ت?? ان عمل ۾ ڪنهن به بيگناهه کي نقصان نه پهچي ۽ ڪنهن سان به زيادتي نه ٿئي جڏهن ته جيڪي ماڻهو سڌي طرح ۽ اڻ سڌي طرح ملڪ دشمني ۾ ملوث ڏٺا ويا يا منصوبابندي ڪئي، اهي سڀ ان ڏوهه ۾ شامل آهن ۽ انهن کي قا??ون موجب سزا ملڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ قوم اسان کي معاف نه ڪن??ي ۽ جيڪڏهن اسان پنهنجي قومي فرض کي امانت سمجهي ادا نه ڪيو. ان سان پاڪستان کي ناقابل تلافي نقصان ٿيندو.