اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن کي قوم جو اثاثو قرار ڏيندي چيو آهي ته قوم ا??هن جون قربانيون ڪڏهن به نه وساريندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ??وجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار 12 مئي جي مسلم باغ بلوچستان دهشتگرد حملي جي شهيدن جي پونئيرن سان ??يليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. صدر شهيدن جي ملڪ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو ۽ قوم پاران ا??هن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن کي خراج عقيدي پيش ڪندي قوم جي لاءِ خدمتن تي ا??هن کي سلام پيش ڪيو. صدر شهيدن جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. شهيدن جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه دوران صدر جون اکيُون ڳوڙهن هاريون ٿي ويون. صدر حوالدار عبدالرحيم، محمد عرفان ۽ نديم اقبال جي پونئيرن سان ??يليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن اسٽينو ٽائپسٽ غلام فريد ۽ سينيٽر ورڪرز صابر مسيح ۽ شان ??سيح جي پونئيرن سان ??ڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي لانس نائيڪ فهيم مشتاق ۽ سپاهي سعيد اسلم ۽ طلال جامي جي وارثن سان ??يليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ان ??وقعي تي ڳالهائيندي چيو ته شهيد قوم جو اثاثو آهن، قوم ا??هن جون قربانيون نه وساريندي. هن شهيدن جي ملڪ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو ۽ قوم پاران خراج عقيدت پيش ڪيو.