لاهور- 24 – اپريل (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت، عدليه ۽ وڪيلن جي اها ذم??واري آهي ته هو مظلومن جي مدد لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، جيلن ۾ قيدين لاءِ علاج جي سهولتن سميت ٻين بنيادي سهولتن جي فر??همي اولين ترجيح آهي، قوم مون کان سوال پڇندي آهي ته عدالتن قيدين جي بدترين حالتن بابت ڪيترا پاڻمرادا نوٽيس ورتا، اجتماعي ڪوششن سان ملڪ کي درپيش مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوٽ لکپت جيل جي دوري جي موقعي تي ڳا??هائيندي ڪيو. وزي??اع??م محمد شهباز شريف مرد ۽ عورت قيدين سان ملاقات ڪئي. انهن جا مسئلا ٻڌا ۽ موقعي تي حل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. هن قيدين ۾ عيد گفٽ ورهايا، جيل ۾ قيدين لاءِ اسپتال، ڪچن، عورت بيرڪ ۽ جيل جي مختلف حصن جو دورو ڪيو. هن جيل اسپتل ۾ ڪينسر سميت ٻين مريضن جي عيادت ڪئي ۽ انهن جي علاج جي بهتر سهولتون فر??هم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن صفائي جي صورتحال جو جائزو پڻ ورتو. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري پنجاب، آءِ جي جيل کاتو ۽ جيل سپرنٽنڊنٽ به موجود هئا. جيل سپرنٽينڊنٽ بريفنگ دوران وزي??اع??م کي ٻڌايو ته نون آيل قيدين کي 14 ڏينهن لاءِ ڌار سيل ۾ رکيو ويندو آهي ۽ ان کانپوءِ انهن کي لاڳاپيل بيرڪن ڏانهن موڪليو ويندو آهي، ٽي ايم اي جي بند گاڏي روزاني جيل مان گندڪچرو کڻندي آهي. وزي??اع??م شهباز شريف چيو ته جڏهن هو تقريبن پنج مهينا ان جيل ۾ هو ته ان وقت صفائي جي صورتحال تسلي بخش نه هئي تنهن هوندي به هاڻي ۾ ان ۾ بهتري نظر اچي رهي آهي. وزي??اع??م سان ملاقات دوران عورت قيدين پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو، هڪ عورت وزي??اع??م کي ٻڌايو ته هن جو پورو خاندان جيل ۾ آهي. وزي??اع??م لاڳاپيل عملدارن کي قانون موجب هي معاملو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جيل ۾ قيد هڪ ڀارتي عورت پنهنجي ڊي پورٽ ڪرڻ جو معاملو اٿاريو جنهن تي وزي??اع??م چيو ته هو ان معاملي تي لاڳاپيل عملدارن کان قانون موجب ڪاروائي لاءِ چوندو. جيل عملدارن ٻڌايو ته هي معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. هڪ ٻي عورت وزي??اع??م کي ٻڌايو ته هو 23 سالن کان جيل ۾ آهي. جيل عملدارن وزي??اع??م کي آگاهه ڪيو ته ڄاڻايل عورت خلاف قتل ۽ دهشتگردي جو ڪيس آهي ۽ ان کي 25 سالن جي سزا ملي آهي، هي معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. وزي??اع??م ان معاملي تي قانوني مدد جي هدايت ڪئي. وزي??اع??م هڪ معذور عورت جو مسئلو به حل ڪرڻ لاءِ قانوني قدمن جي هدايت ڪئي. هڪ ٻي عورت ٻڌايو ته هو 11 سالن کان جيل ۾ قيد آهي، جيل عملدارن وزي??اع??م کي آگاهه ڪيو ته ان کي به 25 سال جي قيد جي سزا ملي آهي. وزي??اع??م اهو معاملو به قانون موجب اڪلائڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي وزي??اع??م عورت قيدين ۾ عيد جا تحفا پڻ ورهايا. وزي??اع??م جيل ۾ اسپتال جي دوري جي موقعي تي جگر جي ڪينسر ۾ مبتلا قيدي جو ڪيس جلد ٻڌڻي لاءِ قدمن جي هدايت ڪئي. شهباز شريف جيل ۾ علاج هيٺ مريضن جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن کي فوري حل جي خاطري ڪرائي. وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو ته منهنجي دوري جو مقصد قيدين جي مشڪلاتن جي باري ۾ آگاهي حاصل ڪرڻ آهي، جيل جي اندر قيدين جي تاثرن جي باري ۾ ڄاڻان ٿو، قيدي پنهنجي عزيزن ۽ رشتيدارن کي ياد ڪندا آهن، جيل ۾ قيد ماڻهن جا گهروارا پنهنجي پيارن کي ياد ڪندا آهن، قيدين جي مسئلن کي ٻڌو آهي ۽ انهن جي جائز ضرورتن جي حل لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جي سمورين جيلن ۾ بيت الخلا جي حالت انتهائي خراب آهي، بيت الخلا ۽ انهن جي صفائي کي برقرار رکڻ حڪومت ۽ جيل انتظاميه تي فر?? آهي. گندگي سان بيماريون پکڙجنديون آهن. هن چيو ته ڪچرو کڻڻ لاءِ ٻيهر بهترين نظام فعال ڪيو ويو آهي، جڏهن آئون جيل ۾ قيد هئس ته بيل گاڏي ذريعي ڪچرو کنيو ويندو هو جنهن سان گندگي پکڙجندي هئي، قيدين جي وهنجڻ ۽ ڪپڙا ڌوئڻ جو نظام فوري ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته بيماري ۽ صحت انساني زندگي سان جڙيل آهي، لاهور جي ٻن جيلن ۾ 8 هزار قيدي آهن، انهن جي علاج معالعج جو نظام خراب آهي، انهن جي ٽيسٽ جو ڪو به نظام ناهي. قيدي جيل ۾ مري ويندا آهن، انهن کي سزا قانون ۽ انصاف جو فيصلو آهي پر انهن کي علاج جون سهولتون فر??هم ڪرڻ ضروري آهن، قرآن پاڪ ۾ به قيدين جي حقن جي حوالي سان واضح حڪم آهي، قيدين لاءِ خصوصي اسپتال هجڻ گهرجي جنهن ۾ رشوت ۽ سفارش کانسواءِ انهن جو علاج ڪري سگهجي. وزي??اع??م آءِ جي جيل کاتي ۽ آءِ جي پنجاب کي خصوصي هدايتون ڪيون ته هو قيدين جي فلاح ۽ بهبود ۽ سهولتن جي فر??همي لاءِ جامع منصوبو ۽ حڪمت عملي هڪ هفتي ۾ ترتيب ڏي. وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو ته قيدي وڪيلن جي فيس ادا نٿا ڪري سگهن ته انهن کان علاج جو خرچو وٺڻ ڪٿان جو انصاف آهي، عام قيدين لاءِ لاهور ۾ پهرين پائليٽ منصوبي طور اسپتال قائم ڪيو ويندو ۽ پوءِ سڄي ملڪ ۾ ان جو دائرو وڌايو ويندو، بيمار قيدين جي مناسب علاج ۽ دوائن جي فر??همي لاءِ خصوصي قدمن جي ضرورت آهي. هن هدايت ڪئي ته جيل ۾ قيدين جي ضمانت ۽ قانوني ڪارروائي لاءِ مالي امداد جي منتظر قيدين جي امداد جو انتظام ڪيو وڃي. هن چيو ته جيلن ۾ قيدين کي پيشيوراڻي تربيت فر??هم ڪئي وڃي ته جيئن هو معاشري جا باوقار شهري بڻجي سگهن ۽ ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن. هن چيو ته ڪجهه قيدين کي 70 سالن جي سزا ٿي آهي، پر عمر قيد جي سزا 25 کان 30 سال هوندي آهي، 30 سالن کان وڌيڪ سزا ڪٽيندڙن کي رعايت ملڻ گهرجي، لوئر ڪورٽس ۽ اعليٰ عدليه کي گذارش آهي ته اهڙن ڪيترن ڪيسن جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو، پاڻمرادو نوٽيس عوامي مف??د جي معاملي تي ورتو ويندو آهي، هزارين قيدين جي قانوني موجب فوري آزادي ٿي سگهي ٿي، قوم مون کان پڇي ٿي ته ان تي ڪيترائي پاڻمرادو نوٽيس ورتا ويا، اهڙا قيدي جن وٽ وڪيلن جي فيس ۽ ڏنڊ ادا ڪرڻ جا پئسا ناهن انهن جي آزادي لاءِ جڊيشل آفيسر ۽ حڪومت مدد ڪن. عيد تي ڪروڙين روپيا خرچ ڪري قيدين کي آزاد ڪيو ويو. وزي??اع??م پوري پاڪستاني قوم کي عيدالفطر جو مبارڪون ڏنيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي مشڪلاتن مان ڪڍي. هن چيو ته اسان اجتماعي دانشمندي ۽ متحد ٿي ملڪ کي انهن مسئلن مان ڪڍي سگهون ٿا. اسان کي ذاتي مف??دن کان مٿانهون ٿي ڪري ملڪي مف??دن لاءِ اٿڻو پوندو، ان کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. ان موقعي تي هن علامه محمد اقبال جو اهو شعر ٻڌايو ته ”فرد قائم ربط ملت سي تنها ڪڇ، موج هي دريا ۾ اور بيرون دريا ڪڇ نهين“ اسان کي به قوم جي هر فر?? ۾ لڳاءُ پيدا ڪرڻو پوندو.