اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته بهتر ٿئي ها ته لاڏلي ٻهروپيي کي شيرواني پارائي وزيراعظم هائوس ۾ ويهاري ڇڏين ها، قوم جو وقت ۽ پئسو بچي وڃي ها. پنهنجي ٽ??ئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته اڪثريتي ججن جي رد ڪيل ڪيس ۾ فيصلو غيرآئ??ني آهي، آئين تي اناءَ جو حا??ي ٿيڻ ملڪ جي لاءِ مهلڪ ثابت ٿيندو آهي، ناقابل عمل حڪم سان سياسي ۽ آئ??ني بحران وڌيڪ گهرو ٿيندو. هن چيو ته هي فيصلو سپريم ڪورٽ جي ججن جي اڪثريت جي فيصلن سان ٽڪراءُ آهي، 2017ع ۾ وزيراعظم نواز شريف جي نااهلي جي غيرآئ??ني فيصلي سان ملڪ ۾ اڄ تائين آئيني، سياسي ۽ معاشي بحران آهي، خميازو عوام ڀوڳي رهي آهي. جڏهن سازش بي نقاب ٿئي ٿي ته دير ٿي چڪي هوندي آهي، 6 سالن کانپوءِ ٻيهر سه??لتڪاري قبول نه آهي.