اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته دهشتگرد لڪي عدالت ايندا آهن، وقت پري نه آهي منهن لڪائي اچڻو پوندو?? پوليس جو مٿو ڦاڙڻ، پيٽرول بم اڇلائڻ، جوڊيشل ڪمپليڪس تي هٿياربند جٿن جو حملو ٿيڻ کانپوءِ تنهنجي زال ڊڄي وئي؟ مريم نواز جي نيب سيل ۾ ڪئميرا لڳائي پنهنجي موب??ئي?? تي ڏسندو هئين، ان وقت شرم ۽ حياءَ هو؟ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ??فا??ي وزير مريم اورنگزيب چيو ته مريم نواز جي بيرڪن ۾ رات جو گهڙي آرڊر ڏيندي شرم آ??و هو؟ شهباز شريف جي ڌيءَ جي گهر تي نيب کي حملو ڪرڻ جو حڪم ڏيندي شرم آ??و؟ فريال ٽالپر کي عيد تي اسپتال ۾ گهلي آڻيندي ۽ مسجد نبوي ﷺ ۽ لنڊن ۾ مون تي حملو ڪر??ئي??دي شرم آ??و؟ پنڪي باجي کي هيري جون منڊيون وٺندي ڊپ ٿيو ۽ رڙيون نڪتيون هيون؟