اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) گلگت بلتستان جي سيڪريٽري اطلاعات ضمير عباس قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عدنان اڪرم باجوه، ڊائريڪٽر نيوز/ ڊيجيٽل ميڊيا شاهد سليم ۽ ڊائريڪٽر اردو سروس عبدالجبار ذڪريا سميت مختلف شعبن جي سربراهن سان ملاقات ڪئي جن سيڪريٽري اطلاعات کي اي پي پي جي معاملن، خبرن جي تياري، پهچ سميت اداري جي پيشيواراڻي معاملن بابت آگ??هه ڪيو. گلگت بلتستان جي سيڪريٽري اطلاعات کي اي پي پي جي آپريشنز ۽ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جي لاءِ معيار?? خبرن جي تياري ۽ پهچ ۾ جديد ترين ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت ٻڌايو ويو. هن انگلش رپورٽنگ، سينٽرل نيوز ??يس??، اردو سروس، چائنيز سروس، فارن ??يس??، اڪنامڪ ??يس?? ۽ ڊيجيٽل ميڊيا سروس سميت اي پي پي جي مختلف شعبن جو دورو پڻ ڪيو. ضمير عباس حڪومتي پاليسين کي اجاگر ڪرڻ ۽ نيوز ايجنسي طور هر قسم ج?? خبرن جي فراهمي سان گڏوگڏ هڪ متحرڪ اداري جي حيثيت سان اي پي پي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن ڊپارٽمينٽ گلگت بلتستان شمس الرحمان پڻ ساڻس گڏ هو.