اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ذهني صحت جي مرضن جي روڪٿام ۽ علاج جي لاءِ سمورين ڌرين بشمول وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، ڪميونٽي ۽ ميڊيڪل پروفيشنلز جي گڏيل ڪوششن تي زور ڏيندي چيو آهي ته اها انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ته ملڪ جي 24 سيڪڙو آبادي ذهني صحت سان لاڳاپيل مسئلن جو شڪار آهي جڏهن ته ايتري وڏي آبادي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ رڳو 500 کان 600 ذهني صحت جا ماهر دستياب آهن، ذهني صحت جي وڌندڙ چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نيشنل ه??لٿ پروفيشنلز جي انگ ۾ اضافي کانسواءِ صحت جي ماهرن جي پڻ تربيت جي ذريعي صلاحيت وڌائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر وڊيو لنڪ ذريعي ذهني صحت بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. پاڪستاني آمريڪن سائيڪ??ٽر?? ايسوسيئيشن آف ن??رٿ آمريڪا (پي اي پي اي اين اي) جي صدر ڊاڪٽر محمد ذيشان، نيشنل ڪميشن آف هيومن رائيٽس،ورلڊ ه??لٿ آرگنائيزيشن، پاڪستان سائيڪولوجيڪل ايسوسيئيشن، پاڪستان سائيڪ??ٽر?? سوسائٽي، تسڪين ه??لٿ انيشي ايٽو ۽ نيشنل ه??لٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ويل ڪارنيل ميڊيڪل ڪاليج ۾ سائيڪاٽري جي شعبي جي چيئر پروفيسر ??اڪٽر ايم وقار عظيم، نيواڊا يونيورسٽي ۾ سائيڪاٽري جي پروفيسر ۽ پروگرام ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مجيب شاهد، هيوسٽن ڪي بيلر ڪاليج آف ميڊيسن ۾ سائيڪاٽري جي ايگزيڪيوٽو وائيس چيئر ۽ پروفيسر ??اڪٽر عاصم شاهه، ڊائريڪٽر مسلم مينٽل ه??لٿ ڪنسوريشم پروفيسر ??اڪٽر فرح عباسي، هارورڊ ميڊيڪل اسڪول جي چائلڊ فيلوشپ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غياله قيوم ۽ يونيورسٽي آف ميسوري اسڪول آف ميڊيسن ۾ پروگرام ڊائريڪٽر ريزيڊنسي اينڊ ايڊڪشن فيلوشپ ڊاڪٽر نعمان اشرف اجلاس ۾ ورچوئل طور شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن ذهني صحت جي مسئلن جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مختلف تجويزون ڏنيون. اجلاس ۾ بيمارين بابت شعور پيدا ڪرڻ، ماڻهن کي دماغي صحت بابت آگاهي ڏيڻ، ان سان واڳيل منفي تصورن کي ختم ڪرڻ ۽ ذهني صحت جي مريضن کي معياري مشاورت ۽ علاج فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. شرڪت ڪندڙن پاڪستان ۾ صحت جي پيشيور ماڻهن جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ تربيت تي پڻ زور ڏنو. هنن وڌيڪ چيو ته ان حوالي سان ڪوششن کي نتيجاخيز بڻائڻ جي لاءِ مختلف ڌرين جي وچ ۾ هڪ مرڪزي رابطاڪاري جو طريقيڪار پڻ ضروري آهي. اجلاس ۾ قومي آٽزم پلان تيار ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. پمز مان پروفيسر ??اڪٽر رضوان تاج اجلاس کي ٻڌايو ته نيشنل ه??لٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت پمز ۾ آٽزم سينٽر قائم ڪيو آهي ۽ اهو صوبن ۽ ٻين اسپتالن جي لاءِ هڪ رول ماڊل هوندو. صدر دماغي صحت بابت قدمن جي حمايت ڪرڻ تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ميڊيڪل پروفيشنلز خاص طور تي پاڪستاني آمريڪن سائيڪ??ٽر?? ايسوسيئيشن آف ن??رٿ آمريڪا جي ڪردار کي ساراهيو.