اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان اولهندي ڪناري ۾ اسرائيل قابض فوج جي ظالماڻي ڪارروائي جي مذمت ڪندي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها اسرائيل کي ??لسطينين جي خلاف انس??ني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي لاءِ جوابده بڻائي ۽ مستقبل ۾ اهڙي قسم جي غيرقانوني ڪاررواين ??ي روڪڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان موجب پاڪستان اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي قابض فوج جي ت??زي ڇاپي جي شديد مذمت ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان سميت گهٽ ۾ گهٽ 11 فلسطيني شهيد ۽ درجنين زخمي ٿيا آهن. اهڙي طرح جون ظالماڻيون ڪارروايون عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن جي واضح خلاف ورزي آهي. پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام متاثرين جي گهرڀاتين سان دلي ت??زيت جو اظهار ڪن ٿا ۽ ان وحشياڻي حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي مڪمل ۽ جلد صحتيابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪن ٿا. ترجمان چيو ته اسرائيل پاران طاقت جو اهڙي طرح جو استعمال ڇڪتاڻ واري صورتحال کي ??ڌيڪ بگاڙيندو ۽ خطي ۾ امن جي امڪانن کي ??قصان پهچائيندو. پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها اسرائيل کي ??لسطينين جي خلاف انس??ني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي لاءِ جوابده بڻائي ۽ مستقبل ۾ اهڙي طرح جي غيرقانوني ڪاررواين ??ي روڪڻ جي لاءِ ضروري ڪارروائي ڪري. اسان فلسطيني عوام سان پنهنجي مڪمل حمايت کي ??رجايون ٿا ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي هڪ اهڙي آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا جنهن جي گادي وارو شهر اوڀر يروشلم هجي.