اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل عرب امارا?? جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ٿي. گڏيل عرب امارا?? جي صدر 2 بلين آمريڪي ڊالر جي موجوده قرض کي رول اوور ڪرڻ ۽ هڪ بلين آمريڪي ڊالر اضافي قرض فراهم ڪرڻ تي ??تفاق ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن ۾ مسلسل اڳڀرائي تي ??طمينان جو اظهار ڪندي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ هر سطح تي ٻطرفي مٽاسٽا ۽ باقاعده ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي ??تفاق ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف يو اي اي جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت به ڏني، جنهن تي هن رضامندي ??اه?? ڪئي، دوري جي تاريخن جو فيصلو سفارتي ??ريعي ڪيو ويندو.