پشاور – 27 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خيبرپختونخوا ۾ بلين ٽري سونامي بابت کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ??ندي چيو آهي ت?? ڄاڻايل منصوبي تحت وڌ کان وڌ نوان ٻوٽا لڳايا وڃن ۽ انهن جي سارسنڀال لاءِ موثر قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور جي دوري تي گورنر هائوس ۾ بريفنگ دوران ڪيو.