اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم تائين آسان پهچ کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترج??ح آهي، سمورين معاشي مشڪلاتن جي باوجود ??ائ??ر ايجوڪيشن جي حوالي سان مالي ضرورتن کي پورو ڪيو ويندو، ناڻي واري وزارت ??ائ??ر ايجوڪيشن لاءِ مختص فنڊن جي بنا رنڊڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هايئر ايجوڪيشن بابت معاملن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي ص??ار?? ڪندي ڪيو.