اسلام آباد – 15 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نجڪاري عمل جي جلد کان جلد پڄاڻي سان حڪومتي مالي وسيلن خاص طور ت?? نان ٽيڪس روينيو ۾ اضافو ٿيندو، قوم?? ناڻي کي ??قصان کان بچائڻ سان گڏوگڏ ادارن جي ڪارڪردگي کي انهن جي صلاحيت موجب هلائڻ، ادارن مان بهترين نتيجا حاصل ڪرڻ ۽ مجموعي طور تي معيشت جي بهتري ن??ڪاري واري عمل جو اصل روح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجڪاري عمل ۾ اڳڀرائي جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.