اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال اڻٽر آهي، حڪومت پنهنجي بهترين معاشي ٽيم سبب اقتصادي چئلنيجز تي ضابطو آڻي رهي آهي، اسان غريب طبقي کي غربت مان ٻاهر آڻڻ چاهيون ٿا جنهن لاءِ معاشي چئلينجز جي باوجود حڪومت ”ا??سا?? پروگرام“ جو آغاز ڪيو، ملڪي ترقي لاءِ تعليمي نظام کي بهتر ڪرڻ ضروري آهي، ڪاروباري آسانين ??اب?? قدمن تي ماهرن جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، حڪومت کي مختصر ۽ ڊگهي مدي وارا چئلينجز درپيش آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪاروبار ۾ آسانين ??اب?? سيڙپڪاري بورڊ جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.