آستانه – 08 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ مصنوعات ۽ خدمتن جي آزاداڻي چرپر ۾ سهولت جي لاءِ واپاري پاليسين ۾ مناسب سڌارا آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سمورن شعبن خاص طور تي اقتصاد?? ۽ ??وانائي تعاون، مواصلات ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي ميدان ۾ ازبڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي سگهه ??يڻ جو خواهشمند آهي. هن اها ڳالهه ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي ازبڪستان سان پنهنجي ويجهي دوستاڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن ت?? فخر آهي ڇو ته ٻئي ملڪ گڏيل تاريخ، عقيد?? ۽ ??قافت جي مضبوط رشتي ۾ ڳنڍيل آهن.