واشنگٽن-20 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته اس??ائيل ۽ يوڪرين جي جنگين ۾ ڪاميابي آمريڪا جي نيشنل سيڪيورٽي لاءِ تمام اهم آهي. سعودي ميڊيا ذريعن موجب وائيٽ هائوس جي اوول آفيس ۾ خطاب ڪندي آمريڪي صدر ڪ??نگريس تي اس??ائيل ۽ يوڪرين لاءِ اربين ڊالرن جي فوجي امداد منظور ڪ??ڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته هو ڪانگريس ۾ تقريبن 100 ارب ڊالرن جي فوري امداد جي درخواست منظوري لاءِ موڪليندو جيڪا ايندڙ هڪ سال دوران ڏني ويندي، امداد جي هن تجويز ۾ يوڪرين، اس??ائيل ۽ تائيوان لاءِ رقم، انساني امداد ۽ بارڊر مينيجمينٽ شامل آهي. جوبائيڊن چيو ته هي هڪ زبردست سيڙپڪاري آهي جيڪا آمريڪا جي ايندڙ نسلن جي سيڪيورٽي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. آمريڪي صدر اميد ظاهر ڪ??ي ته انهن سمورن معاملن تي هڪ ئي قانونسازي جو مسودو تيار ڪ??ڻ کانپوءِ ڪانگريس کان منظوري لاءِ ضروري سياسي سهڪار پيدا ڪري سگهجي ٿو. صدر بائيڊن اها تقرير اس??ائيل جي دوري ک??ن واپس اچڻ تي ڪئي آهي جنهن ۾ هن حم??س خلاف ويڙهه ۾ پنهنجي اتحادي ملڪن جي ڀرپور امداد جو اعلان ۽ يڪهتي جو اظهار ڪيو. وائ??س هائوس مان جاري بيان موجب تقرير کان اڳ آمريڪي صدر يوڪرين جي صدر سان ڳالهيون ڪيون ۽ کيس پنهنجي حمايت جي خاطري ڪرائي.