اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آه?? ته نواز شريف جي بيانيي تي (ن) ليگ جي اندر مختلف آواز اٿي رهيا آه??، نواز شريف جو مقصد ملڪ ۾ بي يقيني واري ڪيفيت پيدا ڪرڻ آه??، مسلم ليگ (ن) سدائين ذاتي مفاد ۽ منافقت واري سياست ڪئي آه??، نواز شريف جو انقلابي پڻو دوغلو ۽ کوکلو آه??، بطور ڏوهاري ۽ اشتهاري نواز شريف کي سياست تي ڀاشن ڏيڻ سونهين نه ٿو، نيب ڪيسن جي ڪري گهيرو تنگ ٿيڻ سان مخالف ڌر حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ چاهي ٿي، اسيمبلين تان استعيفائن جون ڌمڪيون به ان سلسلي جي ڪڙيءَ آه??، مخالف ڌر ميمبر استعيفائون ڏيندا ته نيون چونڊون ڪرائينداسين، پي ٽي آءِ ٻيهر اڪثريت حاصل ڪندي، مخالف ڌر مختلف حربا استعمال ڪري حڪومت کي ڪيرائڻ چاهي ٿي، ناڪامي انهن جو مقدر بڻجندي. صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته نواز شريف جي تازي بيانيي سان پاڻ انهن جي پارٽي اضطراب جو شڪار آه??، نواز شريف جي بيانيي تي (ن) ليگ جي اندران مختلف آواز اٿي رهيا آه??، (ن) ليگ جيڪا تحريڪ هل??ئڻ چاهي ٿي اها بي بنياد آه??، نواز شريف جو مقصد ملڪ ۾ بي يقيني واري ڪيفيت پيدا ڪرڻ آه??. نيب ڪيسن جي ڪري گهيرو تنگ ٿيڻ سان مخالف ڌر حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ چاهي ٿي، اسيمبلين تان استعيفائن جون ڌمڪيون به ان سلسلي جي ڪڙيءَ آه??. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف قانونسازي ۾ ناڪامي کانپوءِ ها??ي هي رستن تي اچڻ چاهين ٿا، مخالف ڌر ميمبر استعيفائون ڏيندا ته نيون چونڊون ڪرائينداسين، پي ٽي آءِ ٻيهر اڪثريت حاصل ڪندي، مخالف ڌر مختلف حربا استعمال ڪري حڪومت ڪيرائڻ چاهي ٿي، ناڪامي انهن جو مقدر بڻجندي.