اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جمعي ڏينهن ڪراچي جي دوري دوران شهر جي مسئلن جي حل لاءِ جامع حڪمت عملي جو اعلان ڪندو، وزيراعظم عمران خان برسات ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ احساس پروگرامن جو ٻيو مرحلو جلد شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، نواز شريف کي قانون جي سا??هون پيش ٿي سوالن جا جواب ڏيڻا پ??ند??، پاڪستان دشمن سي پيڪ جي خلاف سازشون ڪري رهيا آهن، اهو ملڪي ترقي جو منصوبو آهي، اسان ث??بت قدمي سا?? ان تي ڌٻو نه اچن ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو، اطلاعات واري وزير چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪراچي جي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان سميت حڪومت جون سموريون همدرديون ڪراچي جي عوام سا?? گڏ آهن، ڪراچي جا ماڻهو جهڙي صورتحال مان گذري رهيا آهن اهي سڀني جي سا??هون آهي، وزيراعظم عمران خان چاهي ٿو ته ڪراچي جون حالتون بهتر ٿين، وزيراعظم عمران خان جمعي ڏينهن ڪراچي جو دورو ڪندو، وزيراعظم پنهنجي دوري دوران سنڌ حڪومت، اين ڊي ايم اي سميت لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سا?? ڪراچي جي مسئلن جي حل جي حوالي سا?? جامع حڪمت عملي جو اعلان ڪندا.