اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه?? محمود قريشي چيو آهي ته افغان امن عمل اهم مرحلي ۾ د??خل ٿي چڪو آهي، بين الافغان ڳالهين تي راضپو ۽ ڳالهين واري ٽيمن جو اعلان خوش آئنده آهي، انهن ڳالهين سان افغانستان ۾ مستقل ۽ پائيدار امن جي راهه هموار ٿيندي. اها ڳالهه هن افغان امن عمل بابت آ??ريڪي خصوصي نمائندي زلمي خليل زا?? سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران خطي جي صورتحال، افغان امن عمل جي حوالي ??ان خاص طور تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. افغان مفاهمتي عمل بابت خاص نمائندي ايمبيسڊر زلمي خليل زا?? ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج تي ٿيندڙ دهشتگردي جي حملي ??ي پرڏيهي وزير سان افسوس جو اظهار ڪندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران وقت سر ڪارروائي ۽ جوانن جي مثالي ??رئت کي ساراهيو.