اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) ق??مي اقتصادي ڪائونسل ايندڙ مالي سال 21 -2020ع لاءِ جي ??ي پي جي واڌ جي شرح جي هدفن، شعبي جاتي ترقي جي ??اٿي ۽ تجويز ڪيل سالياني پلان لاءِ ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ق??مي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ هلندڙ سال 20 -2019ع جي دوران ملڪي معيشت جي صورتحال ۽ مالي سال 21 -2020ع لاءِ جائزو غور هيٺ آندو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومت جي ??رپور ڪوششن کانپوءِ معيشت ۾ واڌ ويجهه ممڪن ٿي تنهن هوندي به ڪورونا وبا جي ??ري اها بري طرح متاثر ٿي آهي، اجلاس ۾ حڪومت طرفان معيشت جي بحالي ۽ خاص طور تي لاڪ ڊائو?? جي اثرن سان معاشري جي غريب طبقن کي محفوط ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو ويو، اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 21 -2020ع جي دوران جي ??ي پي جي ??روٿ جي هدفن سان گڏوگڏ زراعت، صنعت ۽ خدمت?? جي شعبن لاءِ شعبه جاتي واڌ جي ??اٿ?? جي به منظوري ڏني وئي، ق??مي اقتصادي ڪائونسل تجويز ڪيل سالياني پلان سال 21 -2020ع لاءِ ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ جي به منظوري ڏني، اجلاس ۾ هلندڙ مالي سال 20 -2019ع لاءِ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو ۽ ايندڙ مالي سال 21 -2020ع لاءِ تجويز ڪيل ترقياتي جائزو به غور هيٺ آندو ويو.