اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪينيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪم??نر ثقلين سيده، ??ينيا جا پوليس عملدار ۽ ڊاڪٽر هن وقت نيروبي جي مرده گهر ۾ موجود آهن. پاڪستاني هاءِ ڪم??نر مرحوم ارشد شريف جي سڃاڻپ ڪري ??رتي آهي. سڃاڻپ کان پوءِ هاڻي ميت جي واپسي جي لاءِ قانوني عمل شروع ڪيو ويو آهي. پنهنجي ب??ان ۾ هن چيو ته هن وقت ميت جي سڃاڻپ ۽ وطن واپسي جي لاءِ قانوني ڪاروائي ڪئي پئي وڃي. ڪينيا جي عملدارن کي ضابطي جي ڪاروائي جلد مڪمل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.