اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي پاڪستان جي ??ورانهن علائقن جي آبادي کي صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ ٽيلي ميڊيسن ڪلينڪس قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٽيلي ميڊيسن ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ هيلٿ پروفيشنلز جي صلاحيت ۾ اضافي جي ضرورت آهي، مصنوعي ذهانت جي استعمال سان ڊيٽا جي تجزئي ۽ وبائي بيمارين جي اڳڪٿي ڪري سگهبي. هو پاڪستان ۾ ٽيلي هيلٿ خدمتن جي فراهمي بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ وزيراعظم جو نيشنل هيلٿ سروس، ريگوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن بابت خاص مددگار ڊ??ڪٽ?? فيصل سلطان، سيڪريٽري عامر خواجه، ڪنسلٽن?? ڊجيٽل ٽيڪنالاجي تانيه ايدرس، ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ ڊ??ڪٽ?? رانا محمد صفدر، ڊائريڪٽر جنرل اين آءِ ٽي بي فيصل اقبال ۽ ٻين لاڳاپيل سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نيشنل هيلٿ سروس، ريگوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت پاران ٽيلي هيلٿ جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ پاڪستان ۾ ٽيلي هيلٿ سروسز جي فروغ لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون.