ڪراچي – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايف بي آر جي فيس ليس ڪسٽمز اسيسمنٽ سسٽم جو افتتاح ڪيو ۽ ڪسٽمز اسيسم??ٽ نظام جو جائزو پڻ ورتو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان موقعي تي موجود آفيسرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم جديد نظام جي طريقيڪار ۽ ڪارڪردگي بابت پڇيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان خودڪار نظام ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ هدايتون پڻ ڏنيون. ان موقعي تي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي ڪسٽمز ڪ??يئ??نس جو هي نئون نظام ڪراچي پورٽ تي قائم ڪيو ويو آهي، نئين نظام سان ڪسٽمز ڪ??يئ??نس ۾ وقت ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي جڏهن ته ان ۾ شفافيت جي عنصر کي فروغ مليو آهي، ڪسٽمز ڪ??يئ??نس جو گهٽ ۾ گهٽ وقت 15 کان 20 منٽ ۽ وڌ کان وڌ وقت 19 ڪلاڪن تي اچي چڪو آهي. ڪسٽمز جو فيس ليس اسيسمنٽ سسٽم يعني بنا چهري تشخيصي نظام ايف بي آر جي سڌاراجاتي منصوبي جو اهم جز آهي، ان نظام تح?? بندرگاهن تي درآمد ڪندڙن ۽ تشخيص ڪندڙن ۾ سڌوسنئون رابطو ممڪن ٿيندو نه امپورٽرز کي خبر هوندي ته ڪير ان جي سامان جي ڪ??يئ??نگ ڪري رهيو آهي ۽ نه تشخيصي آفيسر کي خبر هوندي ته هو ڪ??هن جي سامان جي ڪ??يئ??نگ ڪري رهيو آهي. فيس ليس اسيسم??ٽ نظام سان ڪم جي رفتار ۾ پڻ اضافو ٿي چڪو آهي، ان نظام تحت استعمال ٿيندڙ سمورن ڪمپيوٽرز تي ڪ??هن به طرح جي سوشل ميڊيا ايپلي ڪيشنز استعمال نه ٿيون ڪري سگهجن، فيس ليس اسيسم??ٽ نظام درآمد ڪندڙن جي سامان جي ڪ??يئ??نس ۾ آساني جو سبب بڻجي رهيو آهي، ان نظام جو مقصد وڌيڪ آسان ۽ شفاف طريقي سان سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. ان جديد ڊيجيٽل ڪمپيوٽرائيزڊ نظام جي لاءِ ??سٽمز جي ايماندار آفيسرن جي مقرري ڪئي وئي آهي، ان سسٽم تي ڪم ڪندڙ اسٽاف جي لاءِ ??اڌي پيتي، نماز ۽ واش روم جو انتظام انهي جڳهه تي ڪيو ويو آهي جتي اهي ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته ان جڳهه تي موبائيل فون جي استعمال تي پابندي آهي، ان نظام تحت ڪسٽمز ڪ??يئ??نس ۾ گهربل وقت ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي، ڪسٽمز ڪ??يئ??نس جي نئين نظام تحت شڪايتن ۾ 80 سيڪڙو گهٽتائي ڏٺي وئي آهي. نئون نظام ڪسٽمز ڪ??يئ??نس ۾ ڪرپشن جي خاتمي جي لاءِ اهم سنگ ميل آهي.