ڪراچي – 4 ڊسمبر (اي پي پي )رٿابندي، ترقي ، سڌارن ۽ خصوصي قدمن بابت وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ملڪي حالتون آهستي آهستي بهتري طرف گامزن آهن. اسان جي معاشي حڪمت عملي سبب مهانگائي ۾ واضع گهٽتائي اچي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ پي ايم ايل (ن ) سنڌ جي ??جلاس دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته مان وفاقي وزير هجڻ سان گڏ پارٽي ??و سيڪريٽري پڻ آهيان. 8 مهينا مشڪلاتن جي ??اتمي ۾ گذري ويا، ملڪي حالتون آهستي آهستي بهتري طرف گامزن آهن. پروفيسر احسن اقبال چيو ته اسان جي معاشي حڪمت عملي سبب مهنگائي ۾ واضع گهٽتائي اچي رهي آهي . ملڪ جي معاشي صورتحال مثبت آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي سازش تحت لساني فرقيواريت ۾ منجهايو پيو وڃي.گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ قوميت ۽ لسانيت کي هٿي ڏيڻ سان ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. احسن اقبال چيو ته قائد اعظم لنڊن کان واپس اچي ڌار وطن لاءِ 17 خط لکيا. ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن جي معاشي مستقبل لاءِ آزاد ملڪ وجود ۾ آيو. هن چيو ته پاڪستان جي نظريي ۾ معاشي ترقي جو تصور به شامل هو . 1999ع ۾ اسان ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان اڳتي هياسين ، اڄ افسوس سان سڀ کان پويان آهيون . پاڪستان کي ايندڙ 23 سالن ۾ ترقي جي ??ذبي جي ??رورت آهي. سندس چوڻ هو ته جڏهن به مسلم ليگ اقتدار ۾ آئي آهي ملڪ ترقي ڪئي. (ن) ليگ جي ??قتدار دوران ترقياتي منصوبن جو ڪو مقابلو ناهي. پاڪستان مسلم ليگ جو نظريو ملڪ جي مضبوط مستقبل جي ??مانت آهي. وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ جي ??هديدارن ۽ ڪارڪنن کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو . هر طرح جي ??التن ۾ ڪارڪنن مسلم ليگ جو جهنڊو جهڪڻ ناهي ڏنو . پروفيسر احسن اقبال چيو ته سنڌ صوبي ۾ پارٽي قيادت ۽ ڪارڪنن مسلم ليگ ن جي ??هتر سڃاڻپ کي اجاگر ڪيو . سنڌ ۾ به مسلم ليگ ن کي موقعو ڏنو وڃي . هن چيو ته سنڌ ۾ شڪايتن جي ??زالي لاءِ ڪميٽي ??وڙي وئي آهي. صوبي ۾ مسلم ليگ ن کي اهميت ڏيڻ گهرجي ۽ انهن جا مس??لا حل ٿيڻ گهرجن . سندس چوڻ هو ته 30 ڊسمبر تي مسلم ليگ ن جو يوم تاسين آهي ان کي ڀرپور انداز ۾ ملهايو. ثابت ڪيو ته سنڌ ۾ به مسلم ليگ ن مضبوط پارٽي ??هي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته ڪراچي لاءِ مسلم ليگ ن جون بي شمار خدمتون آهن . ڪراچي جو امن بحال ڪري مسلم ليگ ن جي قاعد واعدو پورو ڪيو.