ڪراچي-02 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ، سنڌ پبل?? سروس ڪ??يش?? جي اپيل تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻن اهم فيصلن کي معطل ڪري ڇڏيو. سنڌ انفار??يش?? کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سنڌ پبل?? سروس ڪ??يش?? پاران ناڪام ام??دو??رن جا زباني انٽرويو وٺڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم خلاف اپيل داخل ڪئي وئي ھئي جنهن تي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. سنڌ پبل?? سروس ڪ??يش?? جي وڪيل حافظ احسان کوکر ٻڌايو ته 2021ع ۾ ڪ??يش?? پاران گڏيل مقابلي واري امتحان ۾ 22,877 ام??دو??رن شرڪت ڪئي، جن مان 186 ام??دو??ر لکت واري امتحان ۾ ڪامياب ٿيا. انهن ام??دو??رن جا زباني امتحان ورتا ويا، پر سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪجهه ناڪام ام??دو??رن جي درخواستن تي 11 ناڪام ام??دو??رن کان به زباني امتحان وٺڻ جو حڪم ڏنو. هن دليل ڏنو ته قانون موجب ڪنهن به ام??دو??ر جا نمبر لکت امتحان کانپوءِ وڌائي نه ٿا سگهجن، ۽ جيڪڏهن هر ناڪام ام??دو??ر کي زباني انٽرويو لاءِ موقعو ڏنو ويندو ته ڪ??يش?? جي ميرٽ ۽ شفافيت تي سوال اٿندا. حافظ احسان کوکر وڌيڪ دليل ڏنو ته عدالت پاران اختيارن جو غير ضروري استعمال ڪيو ويو آهي جنهن سان نه رڳو ڪ??يش?? جي ساک متاثر ٿي رهي آهي پر ڪامياب ام??دو??رن جو مستقبل به خطري ۾ پئجي رهيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ جو فيص??و برقرار رهيو ته ڪ??يش?? جو سمورو نظام ابتري جو شڪار ٿي ويندو. جنهن تي سپريم ڪورٽ دليلن جي بنياد تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي ٻنهي فيصلن کي معطل ڪري ڇڏيو.