اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي گڏجي پول??و جهڙي چئلينج کي شڪست ڏيڻي آهي، جلد پاڪستان پوليو فري ملڪ بڻجندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پوليو اوور سائيٽ بورڊ جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ بل اينڊ ملينڊا گيٽس ??ائ??نڊيشن جو نمائندو ڪرسٽوفر ايلياس، صحت جي عالمي اداري جو ريجنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حنان بلخي، يونيسيف روزا جو ريجنل ڊائريڪٽر سنجي وجيسيڪارا، سينٽ?? فار ڊيزيز ڪنٽرول اينڊ پرويوينشن جي ڊپٽي ڊائريٽر اينڊريا فرسٽڊٽ، روٽري ??ائ??نڊيشن جو ٽرسٽي ۽ نيشنل چيئر عزيز ميمڻ، ڪنگ سلمان هيومنٽرين اينڊ ريليف سينٽر جو ڊاڪٽر زياد ميمش ۽ ڪي ايس ريليف جو هيلٿ ۽ انوائرمنٽل ايڊوائيزر ڊاڪٽر عبدالله صالح شامل هئا. وزيراعظم پاڪستان اچڻ تي ۽ پول??و جي خاتمي جي ڪوششن ۾ پاڪستان حڪومت جو ساٿ ڏيڻ تي وفد جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ڪنگ سلمان ??ائ??نڊيشن، بل اينڊ ملينڊا گيٽس ??ائ??نڊيشن، روٽري ??ائ??نڊيسن، يونيسيف ۽ سي ڊي سي جا ٿورا مڃيا جيڪي پول??و جي خاتمي واري مهم ۾ پاڪستان حڪومت سان شريڪ آهن، انهن سمورين تنظيمن جو ڪردار پول??و جي خاتمي واري مهم ۾ عالمي ڪوششن کي ظاهر ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان کي گڏجي پول??و جهڙي چئلينج کي شڪست ڏيڻي آهي، جلد پاڪستان پوليو فري ملڪ بڻجندو. وزيراعطم چيو ته جيستائين پوليو کي سدائين جي لاءِ شڪست نه ڏينداسين سک سان نه ويهنداسين، پول??و جي خاتمي جي حوالي سان سمورن صوبن کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي ۽ وفاق ۽ سمورا صوبا گڏجي پول??و جي خاتمي جي خلاف قدم کڻي رهيا آهن. وزيراعظم پول??و جي خاتمي جي حوالي سان سمورن وڏن وزيرن ۽ چيف سيڪريٽرين جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وفد پول??و جي خاتمي جي حوالي سان وزيراعظم ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. بل اينڊ ملينڊا گيٽس جي نمائندي ڊاڪٽر ڪرسٽوفر ايلياس چيو ته پاڪستان جي پول??و جي خاتمي جي موجوده حڪمت عملي تي بهتر طريقي سان عملدرآمد ٿي رهيو آهي جنهن جا نتيجا ميڪرو سطح تي نظر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جلد ئي پوليو ڪيسز ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي ويندي. صحت جي عالمي اداري جي نمائندي ڊاڪٽر حنان بلخي چيو ته صحت جي حوالي سان خطي جي ملڪن کي رابطا بهتر ڪرڻ ۽ ان حوالي سان ڊائيلاگ شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملاقات م پول??و جي خاتمي جي حوالي سان حڪومتي ڪوششن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي تازو ئي ٿيندڙ پول??و جي خاتمي واري مهم دوران قومي صحت واري وزارت ۽ پول??و جي خاتمي واري پروگرام سان لاڳاپيل آفيسرن پوليو کان متاثر ڏورانهن علائقن جو دورو ڪيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي تازو پول??و جي خاتمي واري مهم جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائي وئي آهي، جن ٻارن ۾ پول??و جي سُڃاڻپ ٿي آهي انهن جي سارسنڀال ڪئي پئي وڃي. ملڪ جي جن علائقن ۾ ٻارن ۾ پوليو ويڪسينيشن جي شرح بهتر آهي اتي پول??و جو ڦهلاءُ گهٽ آهي. ملاقات ۾ وزيراعظم جي قومي صحت واري ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ، وزيراعظم جي پول??و جي خاتمي واري ??وڪ?? پرسن عائشه رضا فاروق ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.