رياض – 11 – نومبر (اي پي پي) وز??را??ظم مح??د شهباز شريف چيو آهي ته مسلم ورلڊ ليگ جو مسلمانن جي مفادن ۽ مقصدن جي وڪالت ۽ ڀائيچاري، رواداري ۽ گڏيل احترام جي پيغام کي ع??م ڪرڻ ۽ غزه ۾ جاري تڪرار ۽ مسلمان دنيا کي درپيش ??خت??ف چئلينجن دوران ڪردار اهم آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم مح??د شهباز شريف سان رياض ۾ مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل شيخ ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ ملاقات ڪئي. وز??را??ظم مسلم ورلڊ ليگ پاران سڄي دنيا ۾ اسلام جي حقيقي تشخص جي فروغ جي لاءِ نمايان ڪم کي ساراهيو. هن تنظيم جي ڪم کي اڳتي وڌائڻ ۽ امت جي اتحادن جي فروغ جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي قيادت کي ساراهيو. وز??را??ظم چيو ته مسلم ورلڊ ليگ جو مسلمانن جي مفادن ۽ مقصدن جي وڪالت ۽ ڀائيچاري، رواداري ۽ گڏيل احترام جي پيغام کي ع??م ڪرڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته مسلم ورلڊ ليگ جو غزه ۾ جاري تڪرار ۽ مسلم دنيا کي درپيش ٻين ??خت??ف چئلينجن دوران ڪردار خاص طور تي اهم آهي. وز??را??ظم سيڪريٽري جنرل جي تازي پاڪستان جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته هو ??خت??ف منصوبن ۽ قدمن جي جلد تڪميل جا منتظر آهن جن جي ٻنهي پاران منصوبابندي ڪئي وئي آهي. هن پاڪستان ۾ سيرت ميوزيم قائم ڪرڻ جو خاص طور تي ذڪر ڪندي چيو ته اهو عظيم الشان منصوبو حضرت محمد ﷺ جي زندگي ۽ تعليم جي ??خت??ف رخن کي اجاگر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته انهن منصوبن جي ذريعي مسلم ورلڊ ليگ نوجوان نسل جو ڌيان ڇڪرائي رهي آهي ۽ جديد ترين ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز جي ذريعي اسلام جي لازوال پيغام کي ڦهلائي رهي آهي. وز??را??ظم اميد ظاهر ڪئي ته سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي ايندڙ دوري ۾ جاري منصوبن جي رفتار ۽ تيزي سان عملدرآمد کي اڳتي وڌايو ويندو. مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان ۽ مسلمان امت جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ وز??را??ظم جي ع??م ۽ ڪوششن کي ساراهيو. هن سعودي ع??ب جي تازي ڪامياب دورن تي وز??را??ظم کي مبارڪباد ڏني.