اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف احتجاج جي لاءِ آيل مظاهرين جي هٿان پوليس ا??لڪار جي شهادت جي شد??د لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ ملوث عنصرن جي فوري نشاندهي ڪري انهن کي سخت سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف ڪانسٽيبل مبشر شهيد جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ ان جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزي??اع??م واقعي ۾ ملوث عنصرن جي فوري نشاندهي ڪري انهن کي سخت سزا ڏيارڻ ۽ احتجاج دوران پٿراءُ ۽ تشدد جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙ پوليس ا??لڪارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزي??اع??م چيو ته نام نهاد پرامن احتجاج جي نالي تي پوليس ا??لڪارن تي حملو مذمت جوڳو آهي، پوليس ا??لڪار ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ ڊيوٽي تي مقرر آهن. وزي??اع??م چيو ته 9 مئي تي ملڪ گير فساد برپا ڪندڙ هڪ ڀيرو ٻيهر پرتشدد ڪارروايون ڪري رهيا آهن، 46 سالن جي شهيد ڪانسٽيبل مبشر جي ننڍڙي عمر جي ٻارن جي دنيا شرپسند عنصرن جي هٿان اجڙي وئي. وزي??اع??م چيو ته جڏهن جڏهن ملڪ ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ لڳي ٿو، شرپسند عنصر سڄي ملڪ ۾ جلاءُ گهيراءُ شروع ڪري ڇڏين ٿا، مون سميت پوري قوم ڪانسٽيبل مبشر شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. وزي??اع??م چيو ته ڪانسٽيبل مبشر هڪ اهڙي گروهه جي هٿان شهيد ٿيو جيڪو ملڪي ترقي جو دشمن آهي، نام نهاد امن پسند احتجاجين جو پوليس ا??لڪارن کي زخمي ۽ شهيد ڪرڻ جو عمل مذمت جوڳو آهي.