اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر عرب سمنڊ ۾ پاڪ بحريه جي ڪمبائنڊ ٽاسڪ فورس 150 سان گڏجي منشيات جي خاتمي ج?? ڪامياب آپريشن تي پاڪ بحريه کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ بحريه جي متحرڪ قيادت جي ڪري 1.3 ٽن منشيات کي روڪڻ م??ڪن ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته منشيات جي ايتري وڏي مقدار جي اسمگ??نگ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ ساراهه جوڳي آهي. پوري قوم کي پاڪ بحريه جي ج??انن تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته منشيات جو مڪمل خاتمو انسانيت جي ڀلائي لاءِ انتهائي اهم آهي. پاڪستان حڪومت منشيات جي خاتمي ج?? مشن ۾ پاڪ بحريه کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي.