لاهور- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف فلسطين مسئلي تي پوري مسلمان امت جي ت??جم??ني ڪئي، حڪومتي قدمن جي ڪري مهانگائي سنگل ڊجٽ تي اچي چڪي آهي، وڳوڙي گروهه کي پاڪستان جي ترقي هضم نه ٿي رهي آهي، خيبرپختونخوا کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي، ڪنهن شرپسند کي ??يڊ زون ويجهو اچڻ نه ڏينداسين، احتجاج ڪرڻ اصل ۾ اين آر او وٺڻ آهي. اهڙو اظهار هن ماڊل ٽائون ۾ پريس ڪانفرنس کي ??طاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪوششن سان سفارتي اڪيلائي ختم ٿي ۽ اسان جي پرڏيهي پاليسي هاڻي درست رخ تي گامزن آهي، دنيا پاڪستان جي معاشي بهتري جو اعتراف ۽ پاڪستان سان واپار جي خواهشمند آهي، وزيراعظم يو اين او اجلاس ۾ فلسطين مسئلي تي پوري مسلمان امت جي ت??جم??ني ڪئي ۽ موثر انداز ۾ فلسطين جو ڪيس وڙهيو. يو اين او اجلاس ۾ پاڪستان کي ??يڪا عزت ملي آهي اها پوري دنيا جي مسلمان ملڪن لاءِ فخر جوڳي آهي، وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس عوام آڏو رکيو ۽ والاريل ڪشمير جي عوام تي ڪيل ڀارتي ظلمن کي ??نيا آڏو بي نقاب ڪيو. هن چيو ته حڪومتي قدمن جي ڪري مهانگائي سنگل ڊجٽ تي اچي چڪي آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ ايشيا جي ايمرجنگ ترين مارڪيٽس مان آهي، بلوم برگ موجب پاڪستان جي معيشت ٽيڪ آف ڪري رهي آهي، هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي پاليسين کي ??اراهيو ۽ چيو ته جيڪڏهن اوهان نه آيل نه هجو ها ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو هجي ها، ملائيشيا جي وزيراعظم جو پاڪستان جو تازو دورو ڪامياب رهيو، سعودي عرب جو وفد به جلد پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي، ٻاهران آيل مهمان پاڪستان جي عزت هوندا آهن. هن چيو ته 2018ع جي حڪومت پاڪستان کي ??ئيسوليشن جو شڪار ڪيو ۽ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي ??يترو ڪمزور ڪري ڇڏيو جو ڪو به ملڪ پاڪستان سان واپار ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، پرڏيهي سيڙپڪاري ڊيڊ ليول تي اچي چڪي هئي ۽ ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو ويو. هن چيو ته هاڻي ملڪي معيشت ٺيڪ ٿي رهي آهي ته پي ٽي آءِ ملڪ ۾ ڌرڻن جي سياست کي هڪ دفعو ٻيهر هٿي ڏئي رهي آهي، مخالف حالتن کي ??راب ڪري ملڪي معيشت سان ٻيهر کيڏڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور هڪ غير سنجيده شخص آهي ۽ هو ڪي پي ڪي پوليس کي ??سلام آباد تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ ڳوڙها ڳاڙيندڙ گئس کڻي اچڻ لاءِ چئي رهيو آهي، ريڊ زون ۾ ڌرڻن جو مقصد سرڪار جي ڪم ڪار ۾ کي مفلوج ڪرڻ آهي، پي ٽي آءِ وارا ملڪ دشمن ماڻهو آهن، انهن کي ??يڊ زون جي ويجهو اچڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ڪانفرنس منعقد ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ د??يا جي 12ملڪن جا سربراهه ڪيترن ئي ڏهاڪن کانپوءِ اسلام آباد اچي رهيا آهن، ايس سي او ڪانفرنس لاءِ اسلام آباد کي ??ينگاريو پيو وڃي، ايس سي او کي ??بوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جهڙي طرح 2014ع ۾ ڌرڻن سان چيني صدر جي پاڪستان جي دوري کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ سي پيڪ جهڙو اهم منصوبو دير جو شڪار ٿيو، ڪنهن شرپسند کي ??يس سي او کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. عطا الله تارڙ چيو ته پي ڊبليو ڊي جو بدعنوان کاتو بند ۽ ايف بي آر ۾ بدعنوان عنصرن کي ??ائيڊ لائين ڪيو ويو جنهن سان ايف بي آر ۾ ٽيڪس ڏيندڙن جو انگ ٻيڻو ٿي چڪو آهي، ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن ۾ حڪومتي خرچ ناهن. هن چيو ته ملڪي معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ مختلف سرڪاري ادارن ۾ سڌار، رائيٽ سائيزنگ ۽ ڊائون سائيزنگ ڪري رهيا آهيون جنهن سان حڪومت جي سائيز ننڍي ڪنداسين. هن چيو ته اها ڪيتري شرم جي ڳالهه آهي ته اسان جي پاڙيسري دشمن ملڪ جي پرڏيهي وزير کي پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر سيف پنهنجي احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي جيتوڻيڪ دنيا ۾ ٻيا به ملڪ آهن، انهن جي پرڏيهي وزيرن کي ??حتجاج ۾ شرڪت جي دعوت ڇو نه ڏني وئي، ان مان واضح ٿئي ٿو ته پي ٽي آءِ وارا ڪيترا محب وطن آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته لاهور سميت سڄي ملڪ ۾ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي جنهن کي ??سان هر صورت ۾ پورو ڪنداسين. هن چيو ته هڪ شخص وڏي واڪي چئي رهيو آهي ته هو اسلام آباد تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ هٿياربند ٿي اچي رهيو آهي ۽ هو ملڪ ۾ حالتن کي ??راب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته اسان خاموش نه ويهنداسين. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ وقت ۾ ڪي پي ڪي مان آواز اچڻ شروع ٿي ويندا ته علي امين هوش کان ڪم وٺو ۽ صوبي ۾ مهانگائي کي گهٽ ڪريو. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير طرفان ڪو به مطالبو سامهون ناهي آيو، ان جو مقصد صرف ملڪ ۾ ڇڪتاڻ کي هٿي ڏيڻ ۽ اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ آهي ته ڪو ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ نه اچي.