راولپنڊي – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) اينٽي ??ارڪوٽڪس فورس منشيات اسمگلنگ خلاف 11 ڪارروائين ۾ 32 لک روپين جي ماليت جي منشيات هٿ ڪري عورت سميت 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اي اين ايف هيڊڪوارٽر راولپنڊي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪارروائيون ڪيون ويون. جنهن ۾ راولپنڊي ۾ لاله زار روڊ تي 2 ڪارروائين دوران يونيورسٽي ??يجهو 69 گرام چرس هٿ ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. موٽر وي ٽول پلازه اسلام آباد ويجهو مسافر وين ۾ سوار عورت کان 2.4 ڪلو گرام چرس هٿ ڪري ورتو. اٽڪ ۾ يونيورسٽي ??يجهو جوابد??ر کان 50 گرام، فيصل آباد ۾ يونيورسٽي ??يجهو جوابدار جي قبضي مان 600 گرام آئيس هٿ ڪئي وئي. شاڳئي شهر جي ڪاليج ويجهو جوابد??ر کان 300 گرام چرس ۽ 200 گرام آئيس هٿ ڪئي. ڪوئيٽا ۾ شهباز چوڪ ويجهو جوابدار جي قبضي مان 940 گرام چرس هٿ ڪيو ويو. ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدار تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ڪينال رو?? لاهور تي جوابدار جي قبضي مان 1 ڪلو 40 گرام هيروئن هٿ ڪئي وئي. لاهور ۾ ڪوريئر آفس مان بحرين موڪلڻ لاءِ تيار پارسل ما?? 450 گرام آئيس هٿ ڪئي. لاهور ۾ والٽن روڊ تي جوابد??ر کان 360 گرام هيروئن هٿ. ڄامشورو بس اسٽاپ ويجهو جوابد??ر کان 9 ڪلو گرام چرس هٿ ڪيو ويو. ترجمان مطابق گرفتار جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪ??س داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.