اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته سيرت النبيﷺ سموري انسانيت لاءِ مشعل راهه آهي، حضور اڪرم?? جي سيرت جو هر پهلو ماڻهن لاءِ روشني جو ٿنڀ آهي، تعليمي نظام ۾ نوجوانن کي موقعا فراهم ڪرڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن 49هين قومي ??يرت النبي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چي?? ته سيرت النبي?? جي موقعي تي پوري قوم ۽ ڪي پي ڪي جي عوام کي عيد ميلادالنبيﷺ جون مبارڪون پيش ڪريان ٿو. هن چي?? ته حضور اڪرم?? جي سيرت جو هر پهلو ماڻهن لاءِ روشنيءَ جو ٿنڀ آهي. سيرت النبيﷺ صرف عالم اسلام ناهي پر انسانيت لاءِ زندگيءَ جو هڪ عظيم مثال آهي. سيرت النبي سمورن انسانن لاءِ مشعل راهه آهي. هن چي?? ته الله تعاليٰ انسانن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ لاءِ آ??ري نبي حضرت محمدﷺ کي موڪليو. هن چي?? ته پاڻ سڳورنﷺ جا پاڪ اخلاق ۾ اخلاقيات ۽ روزمره جي رهنمائي ڪئي وئي آهي جنهن سان صرف عالم اسلام ئي نه پر عالم اسلام کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، پنهنجون زندگيون سيرت مطابق گذارڻيون پونديون، تعليمي نظام ۾ نوجوانن کي موقعا فراهم ڪرڻا پوندا.