اسلام آباد -16 سي??ٽمبر (اي پي پي) رٿابندي و??ري وفاقي و??ير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته حڪومت سماجي، اقتصادي ۽ عدالتي سڌارن لا??ِ پرعزم آهي، جنهن جو مقصد ملڪ کي تيز تر اقتصادي ترقي جي رستي تي آڻڻ آهي. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چٽن لفطن ۾ چيو ته ڪنهن کي به ملڪ جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته دوست ملڪن ايندڙ پنجن سالن ۾ پاڪستان ۾ 27 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. هن چيو ته سعودي عرب 5 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته گڏيل عرب امارات ۽ ڪويت 10-10 ارب ڊالرز، آذربائيجان 2 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪندا. هن چيو ته چين سي پيڪ جي ٻئي مرحلي لا??ِ رضامندي ظاهر ڪئي آهي. هن چيو ته چين ترقي، روزگار، جدت، سرسبز معيشت ۽ علائقائي ترقي سميت پنجن نيون راهداريون کولڻ جي خاطري ڪرائي آهي. وفاقي و??ير چيو ته ڊينمارڪ جي هڪ ڪمپني پاڪستان جي بندرگاهن جي بنيادي ڍانچي جي شعبي ۾ 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي.