اسلام آباد -10 سيپٽمبر (اي پي پي) پلاننگ ڪميشن چيو آ??ي، ته عالمي برادري طرفان پاڪستان کي 2022ع جي ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جي مد ۾ هلندڙ مالي سال دوران 75 ڪروڙ 93 لک 60 هزار ڊالرز ملندا. پلاننگ ڪميشن جي جاري انگن اکرن مطابق هلندڙ مالي سال دوران ورلڊ بئنڪ کان 287 ملين ڊالرز، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ مان 249.18 ملين ڊالرز، اي آءِ آءِ بي اينڊ چائنه مان 6026 ملين ڊالرز، آءِ ايس ڊي بي مان 111.07 ملين ڊالرز، پئرس ڪلب کان 73.78 ملين ڊالرز، يو ايس اي/ يو ايس ايڊ مان 32 ملين ڊالرز ملندا. پلاننگ ڪميشن مطابق 2022ع جي ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستان کي مجموعي طور تي 30 ارب ڊالرز جو نقصان ٿيو هو. بحالي جي لاڳت 16.2 ارب ڊالرز جڏهن ته ان حوالي سان عالمي برادري طرفان ڪيل واعدن جي ماليت 10.9 ارب ڊالرز آهي ۽ اهڙي طرح اڃا به 17.1 ارب جي گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آ??ي. پوسٽ ڊزاسٽر نيڊز اسيسمينٽ ??اٿ?? لڳايو آ??ي ته مجموعي نقصان 14.9 بلين ڊالرز کان وڌي ويو آ??ي جڏهن ته معاشي نقصان 15.2 بلين ڊالرز تائين پهچي ويو آ??ي. ??اٿ?? ۾ غذائي عدم تحفظ ۾ به نمايان اضافي جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ۽ متاثر ماڻهن جو تعداد 70 لک کان وڌي 14.6 ملين ٿيڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته 2 ملين کان وڌيڪ هائوسنگ يونٽس کي نقصان پهتو، جن مان 780000 مڪمل طور تباهه ٿيا ۽ 1.2 ملين کان وڌيڪ کي جزوي نقصان پهتو. 2022ع جي ٻوڏ جي حوالي سان منص??با??ندي واري وزارت پاڪستان حڪومت جي اسٽريٽجڪ پاليسي تيار ڪئي، جنهن کي پائيدار تعمير، متاثر ماڻهن ۽ علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير فريم ورڪ (4 آر ايف) جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿ??. ه?? فريم ورڪ ملڪ ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي، ملڪيتن، انفراسٽرڪچر، روڊن ۽ بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير جي ڪوششن جي رهنمائي لاءِ ڊزائين ڪيو ويو آ??ي.