اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي چونڊ (ترميمي) بل 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪالهه قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته سينيٽ مان بل منظور ڪر??ئڻ جي صورت ۾ بل ايوان ۾ پيش ڪرڻ گ??رج??. اجازت ملڻ تي بل ايوان ۾ پيش ڪيو و??و. قانون واري وزير ايوان کي ٻُڌايو ته هي بل فاٽا جي حوا??ي سان نالي جي درستگي ۽ هڪ ٽائٽل ۾ تبديلي لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي. هن چيو ته تاحيات نااهليءَ جو فيصلو هي ايوان قانونسازي ذريعي پهرين ئي طئي ڪري ڇڏيو آهي. نااهليءَ جو مدو 5 سالن مقرر ڪيو و??و آهي. بعد ۾ ايوان بل جي اڪثريت راءِ سان شق وار منظوري ڏئي ڇڏي.