اسلام آباد -04 سيپٽمبر (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناالله پارلياماني وفد سان گڏ پارليامينٽ لاجز ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اخ??ر مينگل سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ ڊاڪٽر طارق ??ضل چوڌري، سينيٽر عثمان باديني، اعجاز جکراڻي ۽ خالد مگسي شامل هئا. ملاقات کان پوءِ راڻا ثناالله ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سردار اخ??ر مينگل اسان جو ڀا??ُ ۽ سينئر سياستدان آهي، بلوچستان ۾ سندس پارٽي جي وڏي اهميت آهي. هن چيو ته سردار اخ??ر مينگل جو فيصلو سرپرائيز هو، اڄ اسان ان سان ويهي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ آيا آهيون، سندس جيڪا به ناراضگي آ??ي ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.