راولپنڊي-30 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچست??ن جي 3 ضلعن ۾ ڳجهي ڄاڻ تي ٻَڌل آپريشن ڪيو، جنهن ۾ 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا. ??ءِ ايس پي آر مطابق 26 آگسٽ تي بلوچست??ن جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردي جي واقعن جي روشني ۾ سيڪيورٽي فورسز 29 ۽ 30 آگسٽ تي بلوچست??ن جي ضلعن ڪيچ، پنجگور ۽ زوب ۾ انفارمي??ن بيسڊ آپريشن (??ءِ بي او) ڪيو. ان آپريشن دوران 5 دهشتگرد ماريا ويا جڏهن ته 3 زخمي ٿيا. انهن علائقن ۾ ڪنهن به دهشتگرد جي موجودگي جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، هي آپريشن دهشتگردن جي سهولتڪارن جي خاتمي تائين جاري رهندو. ??ءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪست??ن جي سيڪيورٽي فورسز قوم سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بلوچست??ن جي امن، استحڪام ۽ ترقيءَ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوششن کي ناڪام بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي.