اسلام آباد -02 س??پٽ??بر (اي پي پي ) ربيع الاول 1446هه جو چنڊ ڏسڻ لا??ِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس (اربع ) ڏينهن 4 س??پٽ??بر اسلام آباد ۾ طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جو چيئر مين مول??نا عبدالخبير آزاد ڪندو. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب زونل ۽ ضلعي چنڊ ڏسڻي ڪميٽين جا اجلاس پنهنجن پنهنجن هنڌن تي ٿيندا. چنڊ نظر اچڻ يا نظر نه اچڻ جي حوالي سان اعلان مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو چيئر مين مول??نا عبدالخبير آزاد سڄي ملڪ مان مليل شاهدين کي نظر ۾ رکي ڪندو. اجلاس مذهبي معاملن واري وزارت ڪوهسار ڪامپليڪس ۾ شام جو 5 وڳي منعقد ٿيندو. موسميات کاتي مان چيف ميٽرو لا??سٽ ڊاڪٽر سرفراز، اسپارڪو مان غلام مرتضيٰ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي فني مدد ڪندا.