اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ??رم??ي جي تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ??رم??ي جي وچ ۾ گڏيل طور تي ڪارائتا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا موجود آهن، جن کي هو وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ??رم??ي جي اقتصادي تعاون ۽ ترقي واري وزير سوينجا شولزي جي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف وزي?? شولزي جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ??رم??ي جي تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ??رم??ي جي وچ ۾ گڏيل طور تي ڪارائتا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا موجود آهن. هن پاڪستان جي صنعتي ترقي ۾ ??رم??ي جي ڪردار کي ساراهيو. ان ڏس ۾ وزيراعظم ??رم?? حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي ڀرپور خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پائيدار ترقي، موسمياتي تبديلين جي موثر اثرن ۾ گهٽتائي ۽ معاشي واڌويجهه جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪيو. جڏهن ته ملڪ جي معاشي بحالي جي لاءِ سڌارن سميت پنهنجي حڪومت جي ترجيحن جو به ذڪر ڪيو. وزي?? شولزي وزيراعظم کي چانسلر اولاف شولز جو مبارڪباد وارو پيغام پهچايو ۽ پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي تعاون جي شعبن ۾ گڏيل حصيداري مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ??رم??ي جي عزم جو و??جاءُ ڪيو. هن اهو به ٻڌايو ته ??رم??ي پاڪستان جي قابل تجديد توانائي جي شعبي ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کان بچاءُ جي قدمن لاءِ پنهنجو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم ۽ ??رم??ي جي اقتصاديات واري وزير ٻطرفي اقتصادي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي سان گڏوگڏ هنرمند افرادي قوت جي برآمد ۾ اضافو شامل آهي. هن غزه جي صورتحال ۽ يوڪرين تڪرار سميت علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزير سوينجا شولزي چانسلر اولاف شولز پاران وزيراعظم کي آڪٽوبر ۾ هيمبرگ پائيداري ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت به ڏني. ملاقات ۾ ٻنهي پاران سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير، منصوبابندي وارو وفاقي وزير، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير، واپار وارو وفاقي وزير ۽ آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شامل هئا.