اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي ز??دا??ي چيو آهي، ته هيپاٽائيٽس عالمي سطح تي وڏ?? چئلينج آهي، هيپاٽائيٽس کان بچڻ ۽ ان جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ايوان صدر پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي ز??دا??ي هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏي??هن تي جاري پيغام ۾ چيو ته هيپاٽائيٽس هڪ خاموش قاتل آهي ڇاڪاڻ ته ان بيماري جون نشانيون ظاهر نه ٿيڻ سان ان جي ڦهلجڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي، هيپاٽائيٽس سبب عالمي سطح تي وڏ?? پئماني تي فوتگيون ٿي رهيون آهن. صدر مملڪت چيو ته هيپاٽائيٽس سان اسان جي ملڪ ۾ صحت کي شديد خطرا لاحق آهن، پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس جي مريضن جي تعد??د ۾ اضافي سان اسان جي صحت جي نظام تي بار پوي ٿو، صحت جي ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ وسيع پئماني تي اسڪريننگ ۽ وقت تي سڃاڻپ جي ضرورت آهي. صدر مملڪت چيو ته سڄي ملڪ ۾ احتياطي اپائن کي هٿي وٺرائي، اسڪريننگ، ٽيسٽنگ ۽ علاج جون سهولتون وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا ۽ ان حوالي سان علاج جي اهميت جي باري ۾ ڄاڻ پيدا ڪرڻي پوندي، ان بيماري کان بچاءَ ۽ خاتمي لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي. صدر مملڪت چيو ته ميڊيا، تعليمي ادارن، استادن ۽ سول سوسائٽي ذريعي هيپاٽائيٽس جي باري ۾ عوام کي ڄاڻ ڏيڻي پوندي، اچو ته گڏجي ملڪ کي هيپاٽائيٽس کان پاڪ بڻايون.