اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته چائلڊ ڊولپمينٽ لاءِ سينٽر آف ايڪسيلنس سينٽر جو قيام هڪ وڏي ڪاميابي آهي. عالمي ريسرچ مو??ب شروعاتي سال ٻار جي واڌ ويجهه لاءِ تمام گهڻا اهم هوندا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن علام اقبال اوپن يوني??رس??ي اسلام آباد ۾ سينٽر آف ايڪسيلنس جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چ??و ته سينٽر آف ايڪسيلنس ٻارن جي شروعاتي واڌ ويجهه لاءِ قائم ڪيو و??و آهي. ورلڊ بينڪ موجب 250 ملين ٻار غربت ۽ تعليم جي گهٽتائي جو شڪار آهن. وفاقي وزير چيو ته اهو مرڪز تحقيق، تربيت ۽ بهترين طريقن کي هٿي وٺرائيندو. هن چ??و ته ملڪ ۾ 22 ملين ٻار تعليم کان محروم آهن. اميد آهي ته هي مرڪز ٻارن کي تعليم جي فراهمي لاءِ منصفاڻي شروعات کي يقيني بڻائيندو. وفاقي وزير چيو ته علام اقبال يوني??رس??ي هميشه معياري تعليم کي هٿي وٺرائڻ ۾ سڀ کان اڳيان رهي آهي. 22 ملين ٻار تعليم کان محروم آهن. اميد آهي ته هي مرڪز ٻارن کي تعليم جي فراهمي لاءِ منصفاڻي شروعات کي يقيني بڻائيندو. وفاقي وزير چيو ته علام اقبال يوني??رس??ي هميشه معياري تعليم کي هٿي وٺرائڻ ۾ سڀ کان اڳيان رهي آهي.