اسلام آباد-19 جول??ءِ (اي ??ي پي) گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير محسن نقوي سان سريلنڪا جي ه??ءِ ڪمشنر ايڊمرل (ر) رويندرا چندرا سري وجي گورناتني ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سريلنڪا ۾ ڪيترن ئي سالن کان قيد پاڪستاني شهرين جي آزادي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان سريلنڪا ۾ ڦاٿل پاڪستاني قيدين کي 7 ڏينهن ۾ پاڪستان واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سريلنڪا ۾ پاڪستاني قيدين جي وطن واپسي ل??ءِ ٻنهي طرفن کان جلد ڪارروائي مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ??يو ويو. سريلنڪن ه??ءِ ڪمشنر پاڪستاني قيدين جي آزادي ل??ءِ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. وفاقي وزير محسن نقوي قيدين جي وطن واپسي ل??ءِ تعاون تي سريلنڪن ه??ءِ ڪمشنر جو ٿورو مڃيو. وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته سريلنڪا ۾ قيد پاڪستاني شهرين جي وطن واپسي ل??ءِ سمورن قدمن کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. ملاقات ۾ منشيات جي خاتمي ۽ بارڊر سيڪيورٽي جي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير چيو ته سريلنڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپا وقت سان گڏوگڏ مضبوط ٿي رهيا آهن. گڏي?? لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ل??ءِ تيزي سان قدم کڻڻ جي ضرورت ??هي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته منشيات جي خاتمي ۽ بارڊر سيڪيورٽي جي حوالي سان گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم گهرج ??هي. سريلنڪن ه??ءِ ڪمشنر چيو ته سريلنڪا پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو.اي ??ي پي/ز – ج/ر – م 17:57