اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي معيشت ۾ ايف بي آر جو اهم ڪردار آهي، اسان کي گڏجي ملڪي ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، ايف بي آر ۾ جاري سڌارن ۽ اوڳاڙين جي حوالي سان هفتيوار جائزه اجلاس جي صدارت پاڻ ڪندس. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي معاملن تي اهم اجلاس ۾ ڳ??له??ئيندي ڪيو. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، قومي اسيمبلي ميمبرن بلال اظهر ڪياني، بئريسٽر عقيل ملڪ، بئريسٽر دانيال چوڌري، وزي??اع??م جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳ??له??ئيندي وزي??اع??م چيو ته ملڪي معيشت ۾ ايف بي آر جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته اسان کي گڏجي ملڪي ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي. هن هدايت ڪئي ته ايف بي آر جي مختلف عدالتن ۽ ٽربيونلز ۾ التوا هيٺ ڪيسز جي حوالي سان بهترين وڪيلن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. هن چيو ته ايف بي آر ۾ جاري سڌارن ۽ اوڳاڙين جي حوالي سان هفتيوار جائزه اجلاس جي صدارت پاڻ ڪندس. هن هدايت ڪئي ته ٽيڪس بابت ڪيسن کي جلد اڪلائڻ جي لاءِ ان لينڊ روينيو ايپيليٽ ٽربيونلز سان گڏ ڪسٽمز ايپيليٽ ٽربيونلز جو قيام پڻ عمل ۾ آندو وڃي. وزي??اع??م ايف بي آر جي سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن جي لاءِ اعزاز ڏيڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اجلاس کي ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايپيليٽ ٽربيونلز ان لينڊ روينيو قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڪم جي شروعات ٿي چڪ?? آهي، انهن ٽربيونلز ۾ ججز جي مقرري جي حوالي سان شفاف لکت ??ار?? امتحان منعقد ڪيو ويندو.