پشاور -01 جولاءِ (اي پي پي) خيبر ضلعي جي پوليس چوڪي تخته بيگ تي گذريل رات دهشتگردن راڪيٽ لانچرن ۽ وڏن ڳرن هٿيارن سان حملو ڪيو، جنهن جي نتي??ي ۾ هڪ پوليس ۽ هڪ ايف سي اهلڪار شهيد ٿي ويا. ڊي پي او خيبر سليم عباس ڪلاچي چيو ته پوليس جا جوان ??ڳ ئي الرٽ هئا، هن چيو ته ٻنهي تخته بيگ ۽ نواب شاهه شهيد چوڪين جي اهلڪارن همت ۽ بهادري سان مقابلو ڪندي حملي کي ناڪام بڻايو. هن چيو ته دهشتگرد رات جي اونداهي جو فائدو وٺي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيا. حملي جو اطلاع ملندي ئي خيبر پوليس جي وڏي نفري ??اق??ي واري هنڌ پهچي علائقي کي گهيري ۾ آڻي س??چ آپريشن شروع ڪيو.