اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان امن ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان اهڙي م??تق??ل جي تعمير جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا جتي امن هجي ۽ انسانيت وڌي ويجهي. گڏيل قو??ن تحت امن قائم ڪرڻ جي لاءِ خدمتون سرانجام ??ين??ڙن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان اڄ عالمي برادري سان گڏجي گڏيل قومن جي امن دستن ۾ خدمتون سرانجام ??ين??ڙن کي خراج تحسين پيش ڪ??ي رهيو آهي. امن دستن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙن جا خصوصي طور تي ٿورن جو اظهار ڪري ٿو جن دنيا ۾ امن برقرار رکڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان جي بهادر عورتن سميت 2 لک 30 هزار فوجي اهلڪارن گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ خدمتون سرانجام ??ين??ي 64 سالن ۾ قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو آهي ۽ انهن ۾ اسان جا 181 شهيد پڻ شامل آهن جن عالمي امن جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، اسان انهن کي به خراج عقيدت پيش ڪ??يون ٿا. انهن جي بي لوث جرئت ۽ قرباني سدائين اسان جي دلين تي نقش رهندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان امن ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ اڄ اسان هڪ اهڙي م??تق??ل جي تعمير جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا جت امن ۽ انسانيت وڌي ويجهي.