بيجنگ – 13 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار من ميٽلز جي نائب ??در ۽ چ??ن جي ميٽالرجيڪل ڪوآپريشن جي چيئرمين چين جانگوينگ سان ڪالهه سومر ڏينهن بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران هن بلوچستان ۾ کاڻين جي کوٽائي جي اه?? منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ من ميٽلز ۽ ايم سي سي جي تعاون کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه تيزور ڏنو ته پاڪستان ان چين کي ٽامي جي برآمدات 2022ع ۾ تيزي سان وڌي 1.22 ارب ڊالر تائين پهچي وئي آهي جيڪا 2018ع ۾ 132 ملين ڊالر هئي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيني ڪمپنين کي بلوچستان ۾ پروسيسنگ پلانٽ لڳائ?? جي دعوت پڻ ڏني ته ??يئ?? ملڪي کپت ۽ چ??ن کي برآمدات جي لاءِ ويليو ايڊيڊ معدني مصنوعات تيار ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جو مقصد ٻنهي ملڪن جي نجي ادارن جي وچ ۾ بزنس ٽو بزنس تعاون کي وڌائڻ آهي. هن چيو ته سي پي اي سي من ميٽلز ۽ ايم سي سي کي جديد ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر تائين پهچ فراهم ڪري ٿو ته ??يئ?? لاجسٽڪ ڪارڪردگي کي وڌائي ۽ خام مال سميت تيار مصنوعات جي لاءِ چرپر جي خرچن کي گهٽ ڪري سگهجي.