اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چنڊ تي پاڪستان جو پهريون سيٽلائيٽ موڪلڻ تي قوم ۽ سائنسدانن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ائٽ??ي ميدان وانگر هن ميدان ۾ به اسان جا سائنسدان، انجنيئرز ۽ هنرمند پنهنجي صل??حي??ن کي مڃرائي رهيا آهن، ان اهم ڪاميابي سان پاڪستان خلا جي بامقصد استعمال جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ سيٽلائيٽ ڪميونيڪشن جي شعبي ۾ پاڪستان جي صل??حي?? ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ”آئي ڪيوب قمر“ سيٽلائيٽ خلا ۾ پاڪستان جو پهريون قدم آهي، ائٽ??ي ميدان وانگر هن ميدان ۾ به اسان جا سائنسدان، انجنيئرز ۽ هنرمند پنهنجي صل??حي??ن کي مڃرائي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جي ڪور ڪميٽي، ان جي ميمبر ڊاڪٽر خرم خورشيد، اسپارڪو سميت سموري ٽيم خاص طور تي پراجيڪٽ ۾ حصو وٺندڙ شاگردن کي دل جي گهراين سان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته هماليه کان بلند، سمنڊ کان گهري ۽ ماکيءَ کان مٺي پاڪ چين دوستي خوشبوئن جي سرحد کان اڳتي نڪري اڄ خلائن جي سرحد به پار ڪري چڪي آهي، 8 ملڪن مان رڳو پاڪستان جي منصوبي کي قبول ڪرڻ اسان جي سائنسدانن ۽ ماهرن جي قابليت جو اعتراف آهي، هي فني ترقي جي سفر جو تمام وڏو تاريخي لمحو آهي، ان اهم ڪاميابي سان پاڪستان خلا جي بامقصد استعمال جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويو آهي. هن چيو ته اها ڪاميابي سيٽلائيٽ ڪميونيڪشن جي شعبي ۾ پاڪستان جي صل??حي??ن کي وڌائيندي، سائنسي تحقيق، اقتصادي ترقي ۽ قومي سلامتي جي لاءِ نوان موقعا پڻ پيدا ڪندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي فرزندن ثابت ڪيو ته اهي خلائن کي به فتح ڪرڻ جي صل??حي??، جذبو ۽ مهارت رکن ٿا، الله تعاليٰ چاهيو ته 28 مئي 1998ع وانگر خلائن ۽ مع??شي عروج ڪمال تي پڻ پهچنداسين. هن چيو ته مواصلاتي ڍانچي ۾ خودمختياري جي ان خواب جي مڪمل تعبير سان پاڪستان به ان شعبي ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪندڙ ملڪن ۾ شمار ٿيندو، پاڪستان جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، جديد علم ۽ هنرمندي ۾ ترقي وقت ۽ ملڪ جي ضرورت آهي، پو??ي ڪوشش ۽ ڌيان آهي ته پنهنجي نوجوان نسل کي جديد علم ۽ فنون، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اڳتي وٺي وڃون ته جيئن پاڪستان ايجادن جي دنيا ۾ به سڀ کان اڳتي هجي.