اسلام آباد– 02 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان شام جي شهر دمشق ۾ ايراني سفارتخاني ج?? قونصلر سيڪشن تي حملي ج?? سخت مذمت ڪندي متاثرين جي گهرڀاتين، عوام ۽ ايران جي حڪومت سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آه??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آه?? ته اهو حملو شام جي خودمختياري ج?? ناقابل قبول خلاف ورزي آه?? ۽ ان جي استحڪام ۽ سلامتي کي نقصان پهچائي ٿو. بيان موجب اها عالمي قانونن ۽ گڏيل قو??ن جي چارٽر جي خلاف ورزي آه??، 1961ع جي سفارتي لاڳاپن جي ويانا ڪنوينشن تحت سفارتڪارن يا سفارتي سهولتن جي خلاف حملا به غيرقانوني آه??. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آه?? ته اسرائيلي فوج ج?? غيرذميواراڻو قدم اڳ ۾ ئي عدم استحڪام جي شڪار خطي ۾ ه?? وڏو اضافو آه??. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها اسرائيل کي خطي ۾ ان جي مهم جوئي ۽ پاڙيسري ملڪن تي حملو ڪرڻ ۽ غيرملڪي سفارتي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي غيرقانوني ڪاررواين کان روڪي.